ٻاڙي ڍنڍ

ٻاڙي ڍنڍ: هي ڍنڍ سانگهڙ ضلعي جي مَکي ٻيلي ۾ موجود ڍنڍن جي سلسلي ۾ هڪ آهي ۽ مکيءَ جي ڍنڍن جي دل بڪار ڍنڍ کان اوڀر ۾ موجود آهي. هن ڍنڍ جي گهرائي ٻين مکيءَ جي ڍنڍ کان وڌيڪ آهي. مقامي ملاحن موجب ته گهڻي ڪوشش باوجود هو ڍنڍ جي تري جو يا گهرائي جو اندازو نه لڳائي سگهيا آهن. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جام ٿئي ٿو، جنهن ۾ موراکو ۽ ڪرڙو مشهور مڇيون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو